برطانوي بادشاهه چارلس ٽي ۽ سندس گهرواري کي تاريخي ڪنگ ايڊورڊ تاج پارايو ويو

برطانوي بادشاهه چارلس ٽي ۽ سندس گهرواري راڻي ڪميلا کي تاريخي ڪِنگ ايڊورڊ تاج پارايو ويو

ويسٽ منسٽر ايبي ۾ تاجپوشي جي پُروقار تقريب دوران تاج پائڻ کانپوءِ چارلس برطانيا جو چاليهون بادشاهه بڻجي ويو

70سالن بعد نئين بادشاهه جي تاجپوشي دوران برطانيا جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ بِگل وڄائي توپن جي سلامي ڏني وئي

 آرچ بشپ بادشاهه چارلس کي تاريخي تاج پارايو، جنهن بعد بادشاهه چارلس ڪنگ ايڊورڊ جو تاج پائيندڙ ستين شاهي سربراهه جو اعزاز ماڻي ورتو

پريڊ ۾ 40 هزار کان وڌيڪ فوجي اهلڪارن حصو ورتو، پاڪ فوج جي 10 رڪني دستي به تقريب ۾ پنهنجا روايتي فرض انجام ڏنا

بادشاهه چارلس ۽ راڻي ڪميلا شاهي ڪٽنب سان گڏ بڪنگهم پئليس جي بالڪوني ۾ اچي فلاءِ پاسٽ جو معائنو ڪيو

تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت 56 ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي، تاج پوشي تقريب ۾ 2 هزار 300 مهمانن کي مدعو ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔