مظفرآباد: چوڌري انوارالحق بنا مقابلي وزيراعظم آزاد ڪشمير چونڊجي ويو

مظفرآباد: چوڌري انوارالحق بنا مقابلي وزيراعظم آزاد ڪشمير چونڊجي ويو .

وزيراعظم آزاد ڪشمير جي چونڊ لاءِ مظفر آباد قانون ساز اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ انوار الهق آزاد ڪشمير جو 15 هون وزيراعظم چونڊجي ويو .

چوڌري انوارالحق کان سواءِ ڪنهن ٻئي وزيراعظم آزاد ڪشمير لاءِ ڪاغذ جمع نه ڪرايا ، چوڌري انوارالحق آزاد ڪشمير  قانون ساز اسيمبلي جو اسپيڪر به رهي چڪو آهي .

پي ٽي آءِ فارورڊ بلاڪ ۽ اپوزيشن جي ميمبرن چوڌري انوارالحق کي ووٽ ڏنا جڏهن ته 5 ميمبر غير حاضر رهيا .

چيئرمين پيپلزپارٽي ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چوڌري انوارالحق کي وزيراعظم آزاد ڪشمير ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔