پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس ٻڌندڙ جج جي بدلي

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس ٻڌندڙ جج جي بدلي ڪئي وئي.
ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو هو پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي هدايت تي هاءِ ڪورٽ رجسٽرار جج ظفر اقبال جي بدلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جج ظفر اقبال عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔