ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌيڪ گهٽجي ويا

ڪراچي: ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا اپريل جي پهرئين هفتي ۾ 19 ڪروڙ 53 لک ڊالر گهٽجي ويا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب 7 اپريل تائين ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا مجموعي ذخيرا ساڍا 19 ڪروڙ ڊالر گهٽتائي سان 9 ارب 57 ڪروڙ ڊالر رهيا.
اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 16 ڪروڙ 96 لک ڊالر گهٽجي 4 ارب 3 ڪروڙ ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا ٻه ڪروڙ 57 لک ڊالر گهٽجي 5 ارب 52 ڪروڙ ڊالر رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔