ٽيڪساس: 81 سالن جي ٻن ساهيڙين 80 ڏينهن ۾ دنيا گهمي ورتي

ٽيڪساس: پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 81 سالن جي ڊاڪيومينٽري فوٽو گرافر ايلي هيمبي ۽ 81 سالن جي ئي ليڪچرار سينڊي هيزليپ 80 ڏينهن ۾ پوري دنيا جو سفر ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

ٻنهي پنهنجي سفر جي شروعات 11 جنوري تي ڪئي ۽ پنهنجو پهريون اسٽاپ انٽارڪٽيڪا ۾ ڪيو، هنن سخت سردي ۽ مشڪل ترين برفاني رستن کي منهن ڏيندي پنهنجي سفر کي يادگار بڻايو

رپورٽن موجب ايلي ۽ سينڊي جيڪي بهترين دوست به آهن 7 براعظمن جي 18 ملڪن جو سفر ڪيو ۽ دنيا جي بهترين ۽ حيرت انگيز هنڌن جو سير ڪندي انهن لمحن کي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي به شيئر ڪيو

ايلي ۽ سينڊي گڏجي ڪجهه ملڪن جو سفر به ڪيو ۽ بعد ۾ هنن فيصلو ڪيو ته اهي جيئن ئي 80 سالن جون ٿينديون ته 80 ڏينهن ۾ دنيا گهمڻ نڪرنديون.80 سالن جي عمر ۾ ڪورونا وائرس سبب اهي دنيا گهمڻ نه نڪري سگهيو، هلندڙ سال خواب پورو ڪرڻ لاءِ نڪري پيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔