سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گُم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري کي نوٽيسز جاري

ڪراچي:سنڌ هاءِ ڪورٽ گُم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن، گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ اي جي سنڌ کي به نوٽيسز جاري ڪيا ويا

 عدالت چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گُم ٿيل ماڻهن جي بازيابي يقيني بڻائين، وفاق ۽ صوبائي حڪومت کان به جواب طلب ڪيو ويو آهي

جڏهن ته  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف درخواست جي ٻڌڻي، پي اي سي ايڇ ايس ضلعي  اوڀر ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف  درخواست جي ٻڌڻي ٿي

ايس بي سي اي جي اسسٽنٽ  ڊائريڪٽر کي عدالت ۾ غلط رپورٽ  پيش ڪرڻ مھانگي پئجي وئي، عدالت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نياز لغاري  کي 11 مئي تي طلب ڪري ورتو

عدالت جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پيش ٿي عدالت  کي ٻڌائي ته هن غلط رپورٽ ڇو پيش ڪئي آھي

درخواستگذار جي وڪيل موجب ضلعي اوڀر ۾ بلڊنگ جي اڏاوت  بابت درخواست 13 مارچ تي اڪلائي وئي هئي

درخواستگذار موجب اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايس بي سي اي  عدالت کي ٻڌايو ھو ته اڏاوتن ۾ معمولي ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، بيسمينٽ، گرائونڊ پلس ون جي اڏاوت جي اجازت ملڻ باوجود ٻي منزل تعمير ڪئي وئي آهي

عدالت غلط بياني ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت  ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔