سنڌ ۾ آدمشماري جو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو ، تاريخ وڌڻ جو امڪان

ڪراچي: پاڪستان ۾ هلندڙ ستين آدمشماري جو اڄ آخري ڏينهن آهي پر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اهو عمل اڃان مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ ڪيترائي ڳوٺ ۽ علائقا آدمشماري کان رهيل آهن .

ڪراچي سميت سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ ڳڻپ جو عمل هن مهل تائين اڻ پورو آهي ۽ ڳڻپ کاتي موجب هن وقت تائين ڪراچي شهر ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 38 لک جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ هڪ ڪروڙ 9 لک ماڻهو ڳڻجي چڪا آهن.

ڳڻپ کاتي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آدمشماري جو وقت وڌائي سگهجي ٿو .هن جو چوڻ هو ته سنڌ جي ڪل آبادي هن وقت تائين 4 ڪروڙ 83 لک کان وڌيڪ ڳڻجي چڪي آهي .

ڪراچي جي ڊويزن جي هن وقت تائين جي آبادي هڪ ڪروڙ38 لک ڳڻجي چڪي آهي جيڪا اڻ مڪمل آهي جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن جي هڪ ڪروڙ  9 لک، لاڙڪاڻي ڊويزن جي 71 لک، ميرپور خاص ڊويزن جي 46 لکن کان وڌيڪ، شهيد بينظير آباد ڊويزن جي 55 لک ۽ سکر ڊويزن جي آبادي 60 لک شهرين تي ٻڌل آهي .

عملدارن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت کي ڊيٽا 30 اپريل تائين موڪلي ويندي جڏهن ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي بريف ڪيو ويندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔