اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي ڪارروائي، ٻه دهشتگردي مارجي ويا، هڪ جوان شهيد

راولپنڊي:سيڪيورٽي فورسز جي اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ ٻن ڌار ڌار ڪاروائين ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ جوان شهيد ٿي ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب گذريل ڏينهن اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي طريقي سان دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو مارجي ويل دهشتگرد وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ٻيو بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اهڙي طرح ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي ڪرامه ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ سخت مقابلي کانپوءِ دهشتگردن جو هڪ ٺڪاڻو تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر ان مقابلي ۾ ٻه طرفي فائرنگ دوران هنگو ضلعي سان واسطو رکندڙ نائيڪ فضل جانان شهيد ٿي ويو، شهيد عمر 32 سال هئي، هن پونيئرن ۾ بيواهه، ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيون آهن.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ڪليئرنس جو عمل جاري آهي ته جيئن علائقي ۾ موجود دهشتگردن جو خاتمو ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔