سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي قانوني عمل جاري آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي قانوني عمل جاري آهي.
عالمي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير چيو ته عام چونڊون هڪ وقت تي ٿيڻ گهرجن. آئين ۾ لکيل آهي ته چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي. آئين موجب چونڊن جو طريقيڪار موجود آهي.
پنجاب اسيمبلي بابت ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پنجاب اسيمبلي تڪراري طريقي سان ٽوڙي وئي. چونڊن جو معاملو اڳ ئي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ويو، پنجاب جي گورنر اماڻيل سمري تي صحيح ناهي ڪئي. 48 ڪلاڪن کان پوءِ اسيمبلي پاڻمرادو ٽٽي وئي.
سپريم ڪورٽ بينچ جي حوالي سان اعظم نذير تارڙ چيو ته 9 رڪني بينچ پنجاب، خيبرپختونخواهه چونڊ ڪيس تي ٻڌڻي شروع ڪئي. چيف جسٽس چونڊ التوا جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو. 2 ججز اڳ ئي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري چڪا هئا. 2 ججز راءِ جو اظهار ڪرڻ کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي. فل ڪورٽ بينچ جي درخواست کي ناهي ٻڌو ويو.
اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشنون ٻڌڻي هيٺ آهن. ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ سيڪيورٽي خدشا آهن. وفاقي ڪابينه چيو ته اقليتي فيصلو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي. عدالت ڪنهن به سياسي پارٽي جو موقف ناهي ٻڌو. وفاقي ڪابينه سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته سينئر ججز کي بينچ کان پري رکيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي قانوني عمل جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔