عمران خان کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو ڪيس: اڳوڻن وزيراعظمن کي ملندڙ سيڪيورٽي جا رولز طلب

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي ڪيس ۾ اڳوڻن وزيراعظمن کي ملندڙ سيڪيورٽي جا رولز طلب ڪري ورتا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق راڻا ثناءُالله جي ڌمڪي واري بيان کان پوءِ عمران خان کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ عمران خان طرفان سندس وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر ۽ حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو. جڏهن ته گهرو وزارت جو نمائندو به عدالت ۾ پيش ٿيو

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم جي لاءِ ڪهڙي ۽ ڪيتري سيڪيورٽي گهرجي.؟ رولز پيش ڪريو ان کان پوءِ آرڊر جاري ڪنداسين.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته درخوستگذار اڳوڻو وزيراعظم آهي، سيڪيورٽي جو ڪهڙو قانون آهي؟ ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته وزيراعظم جي سيڪيورٽي بابت سيڪشن 17 آهي. عدالت پڇيو ته ڇا عمران خان کي هن وقت سيڪيورٽي ڏني وئي آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته جي، عمران خان کي هڪ بلٽ پروف گاڏي ڏني آهي، 18هين ترميم کان پوءِ سيڪيورٽي صوبائي معاملو آهي.
ٻڌڻي دوران گهرو وزارت جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته سيڪيورٽي ڏني ويندي آهي، پر نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻو هو جيڪو اڃان تائين جاري ناهي ٿيو. اسلام آباد جي حد تائين وفاقي حڪومت سيڪيورٽي جو معاملو ڏسندي آهي ۽ پنجاب جي حد تائين آءِ جي پنجاب معاملو ڏسندو، جيستائين عمران خان اسلام آباد هو تيستائين کيس فول پروف سيڪيورٽي ڏني وئي هئي.
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي هن جي اسٽيٽس موجب سيڪيورٽي ملڻ گهرجي، جيڪو قانون ۾ لکيل آهي ته اهو سيڪيورٽي ڏيندو. لاهور کي ڇڏيو، اسلام آباد جو ٻڌايو، اهو ڪو وڏو مسئلو نه آهي. ان بابت قانوني قاعدو جيڪو به آهي اهو عدالت ۾ جمع ڪرايو. جنهن کان پوءِ عدالت اڳوڻي وزيراعظم کي ڏنل سيڪيورٽي جا رولز طلب ڪري ورتا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔