مون کي اليڪشن ۾ پنهنجو موت نظر اچي رهيو آهي:عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اليڪشن ۾ پنهنجو موت نظر اچي رهيو آهي، تحريڪ انصاف 30 ضمني چونڊون کٽيون، ان جي باوجود اسٽيبلشمينٽ پوري طرح ان جي حمايت ڪري رهي هئي، اليڪشن ڪميشن غيرجانبدار نه هئي، انهن کي پنجاب ۾ ناڪامي جو خوف آهي ، ڪو به انتظامي نظام ان وقت ڪم نٿو ڪري سگهي جڏهن ذميواري چونڊيل حڪومت جي هجي پر اختيار ڪٿي ٻئي هنڌ هجن

ڊي ڊبليو اردو کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ پاڪستان ۾ هڪ حقيقت آهي، ستر سالن کان جيڪو انهن جو ڪردار آهي، اسان ڪڏهن به ناهي چيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجو رستو وٺي، ايئن نه ٿيندو، پر سول ملٽري تعلق ۾ توازن هجڻ گهرجي

هن جو چوڻ هو ته چونڊيل حڪومت وٽ جيڪڏهن اختيار ناهي ۽ اهي اختيار ڪنهن ٻئي وٽ آهن ته ڪو به انتظامي نظام ڪم نٿو ڪري سگهي

هن چيو ته سياسي پارٽي وچ جو رستو ڳوليندي آهي پر اليڪشن جي ذريعي سياسي استحڪام بنا معيست سنڀلجي نٿي سگهي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته مارشل لا جون ڌمڪيون غير آئيني آهن، پاڪستان ۾ مارشل لا جا ڏينهن هليا ويا، اڳتي ئي اسان جون حالتون خراب آهن

هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم نٿا ڪريو ته ان جو مطلب پاڪستان ۾ قانون ختم ٿي ويو، جهنگ جي قانون طرف وڃي رهيا آهيون، ايئن نٿو ٿي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔