ايلون مسڪ ٽوئيٽر تي ڪتو ويهاري ڇڏيو

واشنگٽن: جيڪڏهن اوهان کي ٽوئيٽر جي ويب سائيٽ کولڻ سان جهرڪي بدران هڪ ڪتي جي آئيڪون ڏسي جهٽڪو لڳي ته اوهان اڪيلا نه آهيو، ڇاڪاڻ جو واقعي ٽوئيٽر جي آئيڪونڪ بليو برڊ لگو کي هڪ ڪرپٽو ڪرنسي جي ڊوگي ڪوائن جي لوگو ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
ظاهر طور تي هي سڀ ڪمپني جي مالڪ ايلون مسڪ طرفان اپريل فول کي دير سان ملهائڻ جي حڪمت عملي لڳي اچي رهي آهي ۽ امڪان آهي ته اِهو ئي آهي ته ڪجهه وقت کانپوءِ بليو برڊ لگو واپس اچي ويندو، ڇاڪاڻ ته اِها تبديلي رڳو ويب ورزن تي ٿي آهي، موبائيل ايپ ۾ نه

ٽوئيٽر جي هوم پيج تي ئي بليو برڊ جو لوگو تبديل ناهي ڪيو ويو پر جڏهن ويب سائيٽ کي اوپن ڪرڻ تي لوڊنگ اسڪرين جي واري جاءِ تي ڪتي جي تصوير نظر اچي ٿي.
ايلون مسڪ ان تبديلي جي حوالي سان ٽوئيٽ پڻ ڪئي آهي.
ايلون مسڪ طرفان ته ان عارضي تبديلي بابت ڪا به وضاحت پيش ناهي ڪئي وئي پر ڪيئي واهپيدار اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن ٽوئيٽر جي مالڪ طرفان ماڻهن کي اپريل فول بڻائڻ جو طريقو آهي جنهن تي پهرين اپريل تي عمل نه ٿي سگهيو.
ٽوئيٽر لوگو تبديلي سان ڊوگي ڪوائن جي قدري ۾ ٽيهه سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ هڪ ڪوائن 0.094 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
ايلون مسڪ طرفان اِهو سڀ ڪرڻ لاءِ اهڙي وقت جي چونڊ ڪئي وئي آهي جڏهن سندس خلاف ڊوگي ڪوائن جي حوالي سان هڪ ڪيس داخل آهي.
جون 2022ع ۾ ايلون مسڪ خلاف ڊوگي ڪوائن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ وارن ماڻهن 285 ارب ڊالرن جي ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪئي هئي.
ان ماڻهن جو موقف هوته ايلون مسڪ 2019ع کان ڄاڻندو هو ته ان ڪرپٽو ڪرنسي جي ڪائي اهميت نه آهي پر هو پنهنجي تجارت لاءِ ان جي مشهوري ڪندو هيو.
ايلون مسڪ جي وڪيلن تازو ئي ان ڪيس کي خارج ڪرڻ جي درخواست داخل ڪندي ان کي هڪ جائز ڪرپٽو ڪرنسي قرار ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔