ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان وسڪاري جو سلسلو جاري آهي

 ڪراچي جي ملير، قائد آباد، گرو مندر، لسٻيلو، ايم اي جناح روڊ، طارق روڊ ۽ ايف بي ايريا ۾ برسات، شاهه فيصل ڪالوني، اورنگي، ڪورنگي، نارٿ ڪراچي، لياري ۽ ٻين علائقن ۾ به وسڪارو وقفي وقفي سان جاري

 ميرپور ساڪرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به برسات، ڪوٽڙي ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ به وسڪارو پيو، مختلف علائقن ۾ برسات بعد موسم ٿڌڙي ٿي وئي

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مختلف شهرن ۾ سڀاڻي به وسڪاري جو امڪان آهي، 29 مارچ کانپوءِ برساتن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيڻ جا به امڪان آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔