يوم پاڪستان جي موقعي تي ايوان صدر ۾ سول اعزاز ڏيڻ جي تقريب

اسلام آباد: يوم پاڪستان جي موقعي تي ايوان صدر ۾ سول اعزاز ڏيڻ جي تقريب، زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ شهرين کي ايوارڊز ڏنا ويا

 ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو ۽ ايس ايس پي سانگهڙ بشير احمد بروهي کي امن امان لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي تمغه ء شجاعت جي اعزازن سان نوازيو ويو

مرحوم شاعر ۽ اديب امجد اسلام امجد جو ايوارڊ ان جي پٽ وصول ڪيو، سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي، جاويد چوڌري ۽ نديم ملڪ به ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن

مشهور شاعر ساگر صديقي جو ستاره امتياز جو ايوارڊ سيڪريٽري وزارت قومي ورثو وصول ڪيو، پي ڪي ايل آءِ جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد اختر ۽  مشهور سماجي اڳواڻ رمضان چيڀا کي به اعزاز سان نوازيو ويو

مشهور اداڪار بهروز سبزواري، ميزبان ۽ گلوڪار فخر عالم ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي به ايوارڊز ڏنا ويا، بابر اعظم پنهنجو اعزاز گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ وصول ڪيو

صدر عارف علوي چيو آهي ته چئلينجز باوجود پاڪستان شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اسان کي قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو

وزير اعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو قائم ٿيڻ 20 هين صدي جو  هڪ وڏو معجزو آهي، اسان اڄ سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو آهي، پاڪستان جو مقدر عظيم ڪاميابيون حاصل ڪرڻ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔