سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر 324 ٻار فوت ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي: سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر 324 ٻار فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
صوبائي صحت کاتي موجب سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر 324 ٻار چئن سالن ۾ فوت ٿيا، هڪ سال دوران ايڇ آءِ وي سان متاثر 164 ٻار فوت ٿيا آهن.
صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ايڇ آءِ وي سان متاثر فوتي ٻارن ۾ ڇوڪرن جو انگ 207 ۽ ڇوڪرين جو انگ 117 آهي.
صوبائي صحت کاتي موجب سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر ٻارن جو انگ 2 هزار 865 آهي، گذريل ٻن مهينن دوران ايڇ آءِ وي سان وڌيڪ 17 ٻار متاثر ٿيا آهن.
ٻارن جي موذي مرضن جي ماهر ڊاڪٽر فاطمه مير جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن جي موت جو وڏو سبب ٽي بي هو، ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن ۾ خون جي گھٽتائي ۽ ويڪسينيشن جو نه هجڻ عام آهي، ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي پڻ عام آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔