ڀارتي آرمي جو چيتو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه، ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر اجل جو شڪار

نئين دهلي: ڀارتي آرمي جو چيتو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پائليٽ اجل جو شڪار ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب هيلي ڪاپٽر جو صبح 9 لڳي 15 منٽن تي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر سان رابطو ڪٽجي ويو، جنهن کانپوءِ هيلي ڪاپٽر جي ڳولا شروع ڪئي وئي هئي پر پوءِ خبر پئي ته اهو ارونا چل پرديش جي علائقي بوم دلا ۾ منڊلا هلز ڀرستان پاڻي ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته حادثي ۾ هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٻه پائليٽ اجل جو شڪار ٿي ويا، جن جي سڃاڻپ ليفٽيننٽ ڪرنل وي وي بي ريڊي ۽ ميجر جيانٿ جي نالن سان ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔