ڀارتي فلم آر آر آر بيسٽ اوريجنل سانگ جي ڪيٽيگري ۾ سڀ کان وڏو فلمي آسڪر ايوارڊ کٽي ورتو

ڀارتي فلم آر آر آر بيسٽ اوريجنل سانگ جي ڪيٽيگري ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو فلمي آسڪر ايوارڊ کٽي ورتو

فلم آر آر آر ۾ شامل گيت ناٽو ناٽو کي بيسٽ اوريجنل سانگ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو، ناٽو ناٽو سانگ اڳ ئي گلوبل ميوزڪ ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي اعزاز کٽي چڪو آهي

ڀارت جي ڊاڪيومينٽري فلم دي ايليفنٽ وِسپِرَرز کي به بيسٽ ڊاڪيومينٽري جو آسڪر ايوارڊ مليو

 آسڪر ايوارڊز جي تقريب دوران پاڪستان جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي

 ملالا يوسفزئي جي ڊاڪيومينٽري فلم اسٽرينرجز ايٽ دي گيٽ آسڪر ايوارڊ نه کٽي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔