پاڪستان بار جسٽس مظاهر خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان بار ڪائونسل طرفان به سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر اڪبر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.
شڪايت پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين هارون الرشيد ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي چيئرمين حسن رضا پاشا داخل ڪئي.
ڪائونسل چيو آهي ته شڪايت آئين جي آرٽيڪل 209 تحت داخل ڪئي وئي آهي.
پاڪستان بار ڪائونسل سپريم جڊيشل ڪائونسل کي شڪايت جي فوري طور جاچ ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ به جسٽس مظاهر اڪبر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔