افغانستان خلاف سيريز، بابر اعظم کي آرام ڏيڻ جو امڪان، ڪپتاني ڪير ڪندو؟

لاهور: افغانستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪپتان بابر اعظم کي آرام ڪرائڻ ۽ نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب افغانستان خلاف سيريز ۾ ڪپتان بابر اعظم سان گڏ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان کي به آرام ڏنو ويندو، جڏهن ته ان صورتحال ۾ فاسٽ بالر شاهين آفريدي ڪپتان لاءِ مضبوط اميدوار آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ نون رانديگرن کي آزمائي سگهجي ٿو.

ذريعن موجب صائم ايوب، حسيب الله، اعظم خان ۽ احسان الله کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته عماد وسيم ۽ فهيم اشرف کي به شامل ڪري سگهجي ٿو.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون شارجا ۾ 24، 26 ۽ 27 مارچ تي ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔