سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ 9 تڪن تي ننڍي چونڊ بابت نوٽيفڪيشن تي عمل کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي: اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ بلوچستان کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان به پي ٽي آءِ کي وڏو رليف ملي ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي 9 تڪن تي ننڍي چونڊ بابت نوٽيفڪيشن تي عمل کان روڪي ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ جي آڏو پي ٽي آءِ جي 9 قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي منظوي خلاف ۽ ننڍيون چونڊون روڪرائڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي

پي ٽي آءِ جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته لاهور، پشاور، اسلام آباد ۽ بلوچستان ۾ به ساڳين ئي درخواستن تي حڪم امتناع ملي چڪو آهي. عدالت صوبي ۾ 16 مارچ تي 9 تڪن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته 25 مارچ تائين حڪم امتناع جاري ڪري ڇڏيو. درخواست تحريڪ جي 9 قومي اسيمبلي ميمبرن طرفان داخل ڪئي وئي هئي.
ٻڌڻي کان پوءِ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي چيو ته 11 اپريل تي استعيفائون ڏنيون، 17 جنوري تي اسپيڪر طرفان استعيفائون منظور ڪيون ويون. اسپيڪر پنهنجي حلف برداري کان اڳ استعيفائون منظور ڪيون. اپوزيشن اڳواڻ جو نمبر آيو ته استعيفائون منظور ڪيون ويون. پارٽي حڪومت تي زور ڏيڻ جي لاءِ استعيفائون ڏنيون.
علي زيدي وڌيڪ چيو ته لاهور، اسلام آباد سميت ٻين عدالتن حڪم امتناع ڏنو آهي. هاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ به حڪم امتناع جاري ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جا فيصلا انا جي بنياد تي ناهن ٿيندا. انا تي ٿيندڙ فيصلا ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيندا آهن. هي جن کي را جو ايجنٽ چوندا هئا اڄ انهن سان گڏ گهمي رهيا آهن. اسان ايم ڪيو ايم سان چونڊن ۾ اتحاد ۾ نه هئاسين. چونڊن کان پوءِ حڪومت ۾ شامل ٿياسين، اسان ڪنهن جا به ڪيس ختم ناهن ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان تي ڪيسن جي سينچري مڪمل ٿيڻ واري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔