عائشه عمر جو انڊسٽري ۾ ايندڙ نئين اداڪارائن کي اهم مشورو

ڪراچي: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا عائشه عمر انڊسٽري ۾ ايندي نئين اداڪارائن کي اهم مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. ويجهڙ ۾ اداڪارا عائشه عمر پنهنجي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون اهڙيون آهن جيڪي انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ اينديون آهن ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي هنن کي ڪوڙ ڳالهائڻو پوندو آهي. هن چيو ته اهڙين ڇوڪرين لاءِ منهنجو پهريون مشورو اهو هوندو ته اهي اپارٽمنٽس جي عمارتن ۾ رهن، هن چيو ته نئين اداڪارائن جو گهرن ۾ رهڻ محفوظ نه هوندو آهي ڇوته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ڪهڙيون حالتون آهن. عائشه عمر ٻڌايو ته ڪهڙي طرح هڪ اداڪارا جي گاڏيءَ ان وقت ٽوڙي وئي جڏهن هوءَ محلي ۾ اڪيلي رهندي هئي. هن چيو ته عورت کي هر ڪم پاڻ ڪرڻ سکڻ گهرجي ۽ ٻين تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي ڇوته اهڙي طرح هن جو ڪم ڪڏهن به مڪمل نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔