پنجاب ۾ چونڊون 30 اپريل تي ٿينديون، صدر عارف علوي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: صدر عارف علوي پنجاب ۾ عام چونڊون 30 اپريل تي ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي .

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ عام چونڊن لاءِ 30 اپريل ۽ 7 مئي جون تاريخون تجويز ڪيون هيون.

صدر عارف علوي پنجاب ۾ عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي تجويزن تي غور ڪرڻ کانپوءِ 30 اپريل جي تاريخ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي .

اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ صدر عارف علوي ۽ ڪي پي جي گورنر کي ڪي پي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ به خط لکي ڇڏيو هو جنهن ۾ ڪي پي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ جواب گهريو ويو آهي. .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔