ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ تباهي، 3 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت

ڪراچي: ترڪيه، شام ۽ ڀرپاسي جي ملڪن ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ 3 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ سوين ماڻهو زخمي، عمارتن کي نقصان پهتو آهي، ماڻهو خوف وچان ٻاهر نڪري آيا

ترڪيه ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ 195 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، شام ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، امريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 7 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي  جو مرڪز ترڪيه جي ڏکڻ وارو علائقو هو

اونهائي 17 ڏهائي 9 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي،  ترڪيه ۾ زلزلي جا لوڏا هڪ منٽ تائين محسوس ڪيا ويا، قبرص، يونان، اردن ۽ لبنان ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا

پرڏيهي خابرو ادارن موجب زلزلي شام ۾ به تباهي مچائي ڇڏي آهي، جتي عمارتون ڪرڻ سبب 230 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔