سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران مشرف جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار

اسلام آباد: ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي

 صدر عارف علوي پرويز مشرف جي لاءِ مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا گهري

 وزيراعظم شهباز شريف به تعزيتي بيان ۾ چيو ته مرحوم جي گهر ڀاتين سان تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيون ٿا

 چيئرمين جوائنٽ چيفس اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف پاران به وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو  ويو آهي

آءِ ايس پي آرجو چوڻ آهي ته پرويز مشرف اڳوڻو صدر، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف رهيو، الله تعاليٰ سندس وارثن کي حوصلو ۽ همت عطا ڪري

 پاڪ نيوي جي سربراهه ايڊمرل امجد خان نيازي پاران به مشرف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔