گورنر کي ڇڏيو، اوهان ئي پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي تاريخ ڏيو: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي مڪاني چونڊن جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت اليڪشن ڪميشن کان سخت سوال پُڇيا

لاهور هاءِ ڪورٽ پُڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ڪڏهن چونڊون ڪرائيندي، گورنر کي ڇڏيو، اوهان ئي تاريخ ڏيو

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته اسان اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، گورنر کي خط لکيو آهي ته هو سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهائي

عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي جواب ڏنو ته اوهان ايترو ڪم ڪيو پيا پوءِ پاڻ ئي تاريخ ڏئي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔