آصف زرداري طرفان مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 35 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 35 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي
آصف زرداري چيو آهي ته سرڪاري سطح تي محنت ڪش مزدور جي پگهار 35 هزار لازمي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٿيڻ گهرجي
آصف زرداري چيو ته عوام جي ڏکيائين ۽ تڪليفن جي ازالي لاءِ حڪومت قدم کڻي، عوام کي رليف ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي
واضح رهي ته پاڪستان ۾ مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار مقرر ٿيل آهي پر ڪنهن به صوبي ۾ اِن تي عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔