آصف زرداري عمران خان کي ليگل نوٽيس اماڻي ڇڏيو

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪوڙا الزام هڻڻ تي عمران خان خلاف 10 ارب روپين جي هرجاڻي جو ليگل نوٽيس اماڻي ڇڏيو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طرفان ليگل نوٽيس ۾ عمران خان کي 14 ڏينهن اندر غير مشروط معافي وٺڻ لاءِ چيو ويو آهي

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته معافي نه گهرڻ جي صورت ۾ عمران خان خلاف هرجاڻي واري نوٽيس تي قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي

عمران خان پنهنجي وڊيو خطاب ۾ الزام هڻندي چيو هو ته آصف زرداري مون کي قتل ڪرائڻ لاءِ دهشتگرد تنظيم کي پئسا ڏنا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔