گئس پهرين جولاءِ کان مهانگي، بجلي سبسڊي ختم ۽ ٽيڪس شرح وڌائڻ جي خاطري

اسلام آباد: حڪومت آءِ ايم جا سمورا شرط مڃڻ لاءِ تيار ٿي وئي، پهرين جولاءِ کان گئس اگهن ۾ واڌ ۽ بجلي تي ڏنل سموري سبسڊي ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، پيٽرول تي ليوي به وڏائي ويندي

تفصيل موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، جنهن ۾ اسلام آباد جائزي کانپوءِ پروگرام بحال ڪرڻ تي اصرار ڪيو ويو، ناڻي سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ جي اڳواڻي ۾ وفد ۽ مالياتي اداري پاران مشن چيف ناٿن پورٽر  ڳالهين ۾ شريڪ ٿيا، ڳالهين جي پهرين دور ۾ نائين جائزي بابت غور ويچار ٿيو، حڪومتي وفد سمورا شرط پورا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جڏهن ته آءِ ايم ايف مشن جي دوري جي تاريخ طئي نه ٿي سگهي

ذريعن موجب ذريعن موجب ڳالهين دوران آءِ ايم ايف بجلي تي سبسڊي ۽ مختلف شعبن ۾ ڇوٽ ختم ڪرڻ جا شرط لڳايا آهن. آءِ ايم ايم جي مشن ڊائريڪٽر ناٿن پورٽر سختي سان چيو ته پهرين شرط پورا ڪريو پوءِ دورو ڪبو جڏهن ته پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪندڙ ناڻي سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ چيو ته پهرين جولاءِ کان گئس اگهن ۾ واڌ ڪري رهيا آهيون، بجلي تي ڏنل جي سبسڊي به ختم ڪئي ويندي، پيٽرول تي ليوي به وڌايون پيا

آءِ ايم ايف مشن ڊائريڪٽر چيو ته ڊالر جي قدر ۾ واڌ کي هٿرادو طريقي سان نه روڪيو وڃي، ٽيڪس جي جي ڊي پي شرح وڌائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو ٻيو دور اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ آءِ ايم ايف مشن جي دوري جي تاريخ طئي ڪئي ويندي

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) کي اڄ ئي اهو پيغام ڏنو آهي ته اسان توهان سان نائون جائزو مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اسان کي سڄي ۽ کٻي کان واضح پيغام آهي ته اسان پاڪستان سان گڏ آهيون ۽ پاڪستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين پر آءِ ايم ايف سان پنهنجو پروگرام مڪمل ڪيو

اسلام آباد ۾ نوجوانن جي لاءِ ڪاروباري ۽ زرعي قرضن جي پروگرام جي افتتاح جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هن چيو ته انتهائي ڏکي وقت مان گذري رهيا آهيون ۽ اسان آءِ ايم ايف کي اڄ ئي پيغام ڏنو آهي ته اسان توهان سان نائون جائزو مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا

اسان تيار آهيون ۽ توهان جي شرطن تي توهان سان گڏ ويهي ڳالهه ٻولهه بعد طئي ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستان اڳتي وڌي، ڇو ته اسان کي ساڄي ۽ کاٻي کان واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته اسان پاڪستان سان گڏ آهيون ۽ پاڪستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين پر آءِ ايم سان پنهنجو پروگرام مڪمل ڪيو

هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان کي بچائڻو آهي ته سياست کي قربان ڪرڻو پوندو يا سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، مان سرعام اعلان ڪرڻ چاهيان ٿو ته مسلم ليگ (ن) ۽ اسان جي گڏيل حڪومت پنهنجي سڄي سياسي ڪمائي پاڪستان کي بچائڻ لاءِقربان ڪري ڇڏيندي

هن چيو ته بدقسمتي سان 75 سلان ۾ اسان جيڪو ڪجهه ڪيو ان جا نقصان سڀني جي سامهون آهن، منهنجي حڪومت، مارشل لا حڪومتن سان گڏوگڏ تمام حڪومتون حمام ۾سڀ ننگيون آهن، سڀني کي ان جي ذميواري قبول ڪرڻي پوندي پر هاڻي اسان کي ماضي مان سبق سکي اڳتي وڌڻو پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔