لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ۾ گرفتار ٿي ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي کي هٿڪڙيون لڳائي لاهور جي ڪينٽ ڪچهري جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو
پوليس طرفان فواد چوڌري کي اسلام آباد ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ راهداري رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي،عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو آهي
فواد چوڌري جي وڪيل طرفان راهداري رمانڊ تي اعتراض ڪيو ويو هو، عدالت پاران پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو، فواد چوڌري کي لاهور کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو
وڪيل چيو ته هي هڪ ڏينهن جو رمانڊ وٺي فواد چوڌري کي ڪنهن ٻئي جاءِ تي کڻي وڃڻ چاهي ٿي، عدالت راهداري رمانڊ واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ فواد چوڌري جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي
فواد چوڌري کي اسلام آباد پوليس سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو هو، گذريل رات ڪوهسار ٿاڻي تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد جي درخواست تي ڪيس داخل به ڪيو ويو