سنڌ هاءِ ڪورٽ جو شهرين جي گمشدگي جو فوري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ شهرين جي گمشدگي جو فوري طور ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي هلائي

ٻڌڻي دورانعدالت چيو ته جنهن به علائقي مان ڪو ماڻهو گم ٿئي، فوري طور لاڳاپيل ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو وڃي

 عدالت ايس ايڇ او شاهه لطيف کي حڪم جاري ڪيو ته شهري مير علي حيدر جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي

درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شهري منظور احمد گهر واپس اچي ويو آهي ۽ سندس گمشدگي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، عدالت اسٽيل ٽائون مان گم ٿيل شهري منظور احمد جي گمشدگي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔