نئين آرمي چيف سان ڪا به رليشن شپ نه آهي: عمران خان

ڪراچي: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نئين آرمي چيف سان ڪا به رليشن شپ نه آهي، حڪومت اپريل ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ مجبور ٿي ويندي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان برطانوي خابرو اداري کي ڏنل خصوصي انٽرويو چيو ته اڄ تائين ڪهڙو حڪمران آيو آهي جنهن 70 سيڪڙو ملڪ تي ٻڌل پنهنجي حڪومت ڪيرائي هجي

انٽرويو دوران عمران خان وڌيڪ چيو ته هاڻوڪي حڪومت اليڪشن نه پر آڪشن جي ذريعي آئي آهي، 20 کان 25 ڪروڙ روپين ۾ ماڻهو خريد ڪري هارس ٽريڊنگ ذريعي شهباز شريف جي حڪومت آندي وئي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته جنرل باجوا هنن کي آڻڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، حڪمرانن اچڻ شرط پنهنجي 11 سئو ارب روپين جي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرايا

هن چيو ته  سريلنڪا جهڙي صورتحال کان بچڻ جو واحد حل شفاف چونڊون آهي، منهنجي اڳڪٿي آهي ته ڪجهه به ٿي وڃي حڪومت اپريل ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ مجبور ٿي ويندي

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ پورو زور لڳايو ته پرويز الاهي نون ليگ جو وڏو وزير بڻجي وڃي پر هن اسان سان وفاداري ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔