جماعت اسلامي سان گڏ ويهي ڪراچي لاءِ سٺو سيٽ اپ آڻڻ لاءِ تيار آهيون: سعيد غني

ڪراچي : صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جماعت اسلامي کي ٽي وي تي ويهي ڳالهيون ڪرڻ سان ميئر نه ملندو، ميئر جي مقرريءَ لاءِ گڏجي ويهي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون

صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جماعت اسلامي کي ٽي وي تي ويهي ڳالهيون ڪرڻ سان ميئر نه ملندو، جماعت اسلامي سان گڏ ويهي ڪراچي لاءِ سٺو سيٽ اپ آڻڻ لاءِ تيار آهيون

سعيد غني جو چوڻ هو ته حافظ نعيم الرحمان ڪمشنر ڪراچي کي ڌمڪيون ڏنيون، سرڪاري آفيسرز کي ڌمڪائڻ ۽ يرغمال بڻائڻ سان صورتحال خراب ٿيندي، اسان جي ترجيح جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪرڻ آهي

هن چيو ته جماعت اسلامي کي به پنهنجو مائينڊ سيٽ ٺاهڻو پوندو، جماعت اسلامي جن تڪن تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جي درخواست ڏني آهي انهن تي پيپلزپارٽي ڪا به مداخلت نه پئي ڪري، مداخلت ڪرڻي هجي ها ته درخواستون ئي رد ڪرائي ڇڏيون ها

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔