سڀني سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر ڪاميابي کي تسليم ڪيو وڃي: حافظ نعيم الرحمان

ڪراچي : جماعت اسلامي پاران ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جا نتيجا دير تائين روڪڻ ۽ مبينا طور تبديل ڪرڻ خلاف ملڪ گير مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي

 پنهنجي ٽويٽس ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير ۽ ميئر جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان ڪارڪنن کي اڄ اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

 ڊي چوڪ تان ريلي جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو پهچي ڌرڻو هڻڻ ۽ گهيراءَ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ ۽ پنجاب ۾ به مظاهرا ڪيا ويندا

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي حافظ نعيم چيو ته اسان ڪراچيءَ جي نمبر ون پارٽي بڻجي سامهون آيا آهيون، پيپلزپارٽي ۽ اليڪشن ڪميشن ڌانڌليون ڪرائي اسان کي نمبر ٽو پارٽي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، مينڊيٽ تسليم ٿيڻ تائين ڪنهن سان ڳالهيون نه ڪنداسين، ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن اسان جي ڪاميابي کي تسليم ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔