ميئر جي مقرري جماعت اسلامي ۽ ٻين جي مشاورت سان ڪنداسين: وڏو وزير

ڀان سيد آباد: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي جو ميئر اصولي طور پيپلزپارٽيءَ جو ٿيڻ گهرجي، ميئر جي مقرري جماعت اسلامي ۽ ٻين جي مشاورت سان ڪنداسين، ڪراچي سميت سنڌ جي عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي

 وڏي وزير مراد علي شاهه ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان قومي اسيمبلي ۾ واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر عمران خان ڏينهن جي وقت هڪڙو ۽ رات جي وقت ٻيو فيصلو ڪندو آهي

هن چيو ته اسان به چئون ٿا ته عمران خان اسيمبلي ۾ واپس اچي، وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته سموريون جماعتون هن سان گڏ آهن، قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان جون اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪنديون

جڏهن ته وڏي وزير ڀان سيد آباد پهچي والدين جي قبر تي حاضري ڀري فاتحه پڙهي، وڏي وزير ڀان سيد آباد کانپوءِ سيوهڻ شريف پهچي قلندر جي درگاهه تي به حاضري ڀري

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔