حيدرآباد  سکر موٽروي کي  جلد مڪمل  ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت حيدرآباد  سکر موٽروي کي  جلد مڪمل  ڪرڻ جو فيصلو  ڪري ورتو آهي

چيف سيڪريٽري سنڌ محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ ايم سڪس موٽروي بابت اجلاس ٿيو، جنهن دوران منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي

اجلاس دوران ايم سڪس موٽروي جي لاءِ لينڊ اڪيوزيشن آفيسر جي مقرري جو فيصلو ڪيو ويو آهي

چيف سيڪريٽري چيو ته حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾  زمين حاصل ڪرڻ وارو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي

چيف سيڪريٽري چيو ته سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽  ڪمشنر زمين حاصل ڪرڻ واري عمل جي نگراني ڪن، منصوبي کي فوري مڪمل ڪري عوام کي سهولت فراهم ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔