ٿر ڪول بلاڪ ون جي ڪوئلي تي پاور پلانٽس ڪم شروع ڪري ڏنو

ڪراچي: ٿر ڪول بلاڪ ون جي ڪوئلي تي 660 ميگاواٽ جي پاور پلانٽس ڪم شروع ڪري ڏنو ٻئي پاور پلانٽس 2 ڊسمبر کان ڪم ڪري رهيا آهن
وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٿرڪول انرجي بورڊ جي اجلاس دوران رٿا جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي
توانائي واري وزير امتياز شيخ بورڊ کي پاور پلانٽس بابت بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 330 ميگاواٽ جي ٻن پاور پلانٽس مان 2019 کان نيشنل گرڊ کي بجلي ڏني پئي وڃي
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 330 ميگاواٽ جي ٿل نوا پاور پلانٽ مان ايندڙ سال کان بجليءَ جي فراهم شروع ٿي ويندي
وفاقي وزير شازيه مري، وزيراعظم جي اسپيشل اسسٽنٽ طارق باجوا، وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔