پروين رحمان قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي نظربندي ختم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پروين رحمان قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي نظربندي ختم ڪري ڇڏي

عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته جڏهن هاءِ ڪورٽ جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته پوءِ نظربندي جو ڪهڙو جواز هو؟

عدالت پروين رحمان قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي نظربندي بابت گهرو کاتي سنڌ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو آهي

ٻڌڻي دوران گهرو کاتي سنڌ جو سيڪيريٽري سعيد احمد، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته هيءَ درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي، اسان انٽيليجنس رپورٽن جي بنياد تي فيصلا ڪندا آهيون

جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان بدنيتي تي ٻڌل فيصلا ڪيو ٿا ۽ هتي اچي اعتراف ٿا ڪيو

آءِ جي سنڌ چيو ته اندازو غلط به ٿي سگهي ٿو، غلطي جي گنجائش موجود ھوندي آهي

عدالت قتل ڪيس مان بري ٿيل جوابدارن جي نظربندي ختم ڪري ڇڏي، 5 ئي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔