اسحاق ڊار کي وڏو رليف: اثاثن واري نيب ريفرنس تي ڪارروائي ختم

اسلام آباد :ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس تي ڪارروائي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت ريفرنس واپس نيب حوالي ڪري ڇڏيو، احتساب عدالت اسحاق ڊار جي بريت خلاف داخل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته نيب ترميمن بعد فيصلي تي هن عدالت کي ڪو اختيار ناهي، اسان نه نيب کي ۽ نه ئي وري جوابدار جي حق ۾ فيصلو ڏئي سگهون ٿا، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف هلندڙ ٽرائل هتي ئي ختم ڪجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔