عمران خان کي جلسي لاءِ هيلي پيڊ جون سروسز هاءِ ڪورٽ ته نه ٿي ڏئي سگهي: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق چيو آھي ته عمران خان کي جلسي لاءِ هيلي پيڊ جون سروسز هاءِ ڪورٽ ته نه ٿي ڏئي سگهي

تحريڪ انصاف جي وڪيل راولپنڊي جلسي لاءِ اسلام آباد مان گذرڻ ۽ پريڊ گرائونڊ تي عمران خان جو هيليڪاپٽر لاهڻ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست تي دليل ڏنا

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ جلسي جي ڪال ڏني آهي، چيف جسٽس چيو ته توهان جي استدعا آهي ته مان هنن کي هدايتون ڏيان جيڪي مان نه ٿو ڏئي سگهان، اهو انتظاميا جو ڪم آهي، جيڪا درخواست توهان انتظاميا کي ڏني اها رد ته نه ٿي آهي اڃا؟

پي ٽي آءِ جي وڪيل جواب ڏنو ته عمران خان هيليڪاپٽر تي اسلام آباد ايندو، اسان ان لاءِ به اجازت جي درخواست ڏني آهي

جسٽس عامر فاروق چيو ته هاءِ ڪورٽ ڇا ٿي ڪري سگهي؟ هيلي پيڊ سروسز هاءِ ڪورٽ ته نه ٿي ڏئي سگهي، عدالت درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔