آرمي چيف جي سينيارٽي تي مقرري، بهتر حڪمراني ۽ معاشي استحڪام تي ڌيان جو فيصلو

لاهور :لنڊن ۾ نه صرف آرمي چيف جي مقرري بابت  پر بهتر حڪمراني ۽ معاشي استحڪام لاءِ سخت فيصلا ڪيا ويا آهن. نواز شريف ۽ وزيراعظم  شهباز شريف ۾ اٽڪل 4 ملاقاتون ٿيون آهن جن ۾ (ن)  ليگ جي اهم اڳواڻن به شرڪت ڪئي.

ان دوران نواز شريف واضح  ڪيو ته جٿن جي سياست آڏو نه اڳ جهڪيا آهيون نه هاڻي دٻاءَ ۾ اچڻ جي ضرورت آهي. سمورو ڌيان بهتر حڪمراني ۽ معاشي استحڪام تي ڏنو وڃي. جيترو به جلد ممڪن هجي عوام کي  مهانگائي مان نجات ڏياري وڃي. جٿن جي سياست ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن. نئون فوجي سربراهه مقرر ڪرڻ وزيراعظم  جو آئيني اختيار آهي. ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچڻ بنا ميرٽ تي فيصلا  ڪيا وڃن. قانون جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي.

(ن)  ليگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف سفارتي پاسپورٽ ملڻ کانپوءِ وطن ورڻ جي تياري به شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف وطن پهچڻ شرط پي  ڊي ايم جو اجلاس گهرائي  لنڊن ۾ ڪيل فيصلن بابت اتحادين کي اعتماد ۾ وٺندو ۽ وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڏائي اهم فيصلن جي منظوري وٺندو. جنهن کانپوءِ نئين آرمي چيف جي مقرريءَ  بابت سمري به چرپر  ۾ اچي ويندي ۽ 18 کان 20  نومبر تائين آرمي چيف جو اعلان ٿي ويندو.

شهباز شريف تي نواز شريف واضح ڪيو ته منهنجي دور ۾ آرمي چيف جي مقرري ۽ ملازمت جي مدي ۾ واڌ لاءِ دٻاءَ  ايندا هئا. انهن کي سنجيده وٺڻ بدران بهادريءَ سان آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪيو وڃي. روڊن تي جٿا وٺي  ايندڙن کي عوام جي مسئلن ۽ ملڪي سلامتيءَ جو ڪوبه فڪر نه آهي، آرمي چيف جي مقرري  وزيراعظم جو آئيني اختيار آهي. ڪنهن کان ڊڪٽيشن جي ضرورت نه آهي. هر فيصلي ۾ اتحادين کي  اعتماد  ۾ ورتو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زداري، مولانا فضل الرحمان  ۽ ٻين سان نواز شريف ذاتي حيثيت ۾ به صلاح مشورا ڪيا آهن جنهن کانپوءِ سخت فيصلا ڪيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔