ڪينيا پوليس ارشد شريف تي فائرنگ ڪندڙ شُوٽر کي پيش نه ڪيو: ڊي جي ايف آءِ اي


ڊي جي ايف آءِ محسن بٽ آمريڪي نشرياتي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ چيو آهي ته ڪينيا جي پوليس ارشد شريف تي فائرنگ ڪندڙ شُوٽر کي پڇاڳاڇا لاءِ پيش نه پئي ڪري، اسان کي يقين آهي ته ارشد شريف جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڪينيا جي پوليس ملوث آهي

محسن بٽ چيو ته ڪينيا جي پوليس چئن مان هڪ پوليس آفيسر کي پاڪستاني جاچ ٽيم آڏو پيش ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن آفيسر کي پيش نه ڪيو ويو اهو ارشد شريف تي فائرنگ ڪندڙن ۾ شامل هو

ڊي جي ايف آءِ اي موجب پاڪستاني جاچ ٽيم ڪينيا پوليس جي ٽن شوٽرز کان پڇاڳاڇا ڪري چڪي آهي، ٽنهي جي بيانن ۾ ڳنڀير قسم جا تضاد آهن

محسن بٽ چيو ته ڪينيا جي پوليس ان شوٽر تائين پهچ نه پئي ڏئي جنهن جو 2 هفتا اڳ هٿ زخمي ٿي پيو هو، ان آفيسر تائين رسائي نه ڏيڻ انتهائي عجيب آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔