خرم ۽ وقار ڪينيا پوليس سان گڏجي سينيئر صحافي ارشد شريف کي قتل ڪرايو: وفاقي گھرو وزير

ڪراچي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪندي چيو آهي ته خرم ۽ وقار ڪينيا پوليس سان گڏجي سينيئر صحافي ارشد شريف کي قتل ڪرايو ۽ واقعي کي ٻيو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻئي ڀائر پنهنجي موبائل فون جي ڊيٽا تائين رسائي ڪرڻ نه ٿا ڏين

نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ارشد شريف جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، اسان جي ٽيم سلمان اقبال ۽ طارق وصي کان به جاچ ڪرڻ چاهي ٿي

وفاقي گھرو وزير موجب ڪينيا پوليس جي موقف مان ثابت نه ٿو ٿئي ته ارشد شريف کي غلط فهمي جي بنياد تي قتل ڪيو ويو، ارشد شريف کي قتل ڪرڻ وارن کي اِها خبر هئي ته ارشد شريف گاڏي جي ڪهڙي پاسي کان ويٺل آهي، اهو سمورو واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ ئي آهي

وفاقي گھرووزير راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته ڪينيا پوليس جاچ ۾ سهڪار نه ٿي ڪري، وزيراعظم کي درخواست ڪنداسين ته هو ٻيهر ڪينيا جي صدر سان رابطو ڪري

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔