ايف آءِ اي کي ٻيهر سوشل ميڊيا تي ڪارروائي جو اختيار ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت سوشل ميڊيا تي پابندين لاءِ نئين ترميم جو فيصلو ڪري ورتو آهي، حڪومت اعتراض جوڳي مواد جي بنياد تي ڪارروائي جو اختيار ايف آءِ اي کي ڏئي رهي آهي ۽ تجويز ڪيل ترميمن موجب پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 505 کي ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي

ان بنياد تي ايف آءِ اي سوشل ميڊيا تي مواد استعمال ڪندڙ ڪنهن به شهري خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي ۽ صارف کي 7 سال قيد جي سزا به ٿي سگهي ٿي

وفاقي ڪابينا ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ ترميم جي حتمي منظوري پارليامينٽ مان ورتي ويندي، جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي ان تي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي

ترميم کانپوءِ ايف آءِ اي سوشل ميڊيا تي چڙ ڏياريندڙ، جذبن ۽ ساک کي ڇيهو رسائيندڙ مواد تي ڪارروائي ڪري سگهندي

سمري موجب ترميم کانپوءِ ايف آءِ اي کي سوشل ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي ڪوڙين خبرن ۽ افواهن تي ڪارروائي جو اختيار به حاصل هوندو، پارليامينٽ جي منظوري کانپوءِ 7 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي. هن قانون تحت لاڳو

واضح رهي ته ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به سخت اعتراض ڪندي پيڪا ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔