پاڪستاني صحافي ارشد شريف غلط فهمي ۾ پوليس فائرنگ جو نشانو بڻيو:ڪينيا جي پوليس جي تصديق

نيروبي:ڪينيا جي پوليس پاران سينيئر صحافي ارشد شريف کي غلط فهمي جي بنياد تي فائرنگ ڪري مارڻ جو اعتراف ڪيو ويو آھي

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪينيا جي پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ٻار کي اغوا ڪرڻ بابت اطلاع هئا

پوليس موجب رستي ۾ چيڪنگ هلي رهي هئي ته صحافي ارشد شريف جي گاڏي کي روڪيو ته ڊرائيور ڪار روڪڻ بدران قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي

پوليس موجب گاڏي جو پيڇو ڪرڻ بعد صحافي ارشد شريف کي غلط فهمي جي بنياد گولي لڳي وئي، ڪينيا جي پوليس پاران معاملي جا وڌيڪ تفصيل بعد ۾ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔