مڪاني چونڊن جو دنگل: ڪراچي ۾ سرگرميون، اميدوارن منجهيل

ڪراچي: ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سرگرميون جاري آهن، سنڌ حڪومت جي چونڊون ملتوي ڪرڻ واري گذارش بعد اميدوار ٻڏتر جو شڪار آهن، اليڪشن ڪميشن موجب، ڪراچي ڊويزن ۾ 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون ٿيڻيون آهن

ملير، گلشن اقبال، گلشن حديد، صدر ۽ ٻين علائقن ۾ يوسي سطح تي گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته اميدوارن ورڪ به شروع ڪري ڇڏي آهي

ملير جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ ايم پي اي هائوس تي پ پ اڳواڻ جان عالم ڄاموٽ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني چونڊن جي تيارين جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو

اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، حيدر علي ڄاموٽ، قيصر بلوچ، رفيق الحسيني، اسماعيل چارڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔