سنڌ هاءِ ڪورٽ لنواري شريف درگاهه ۾ 39 سال اڳ ٿيل رتوڇاڻ بابت اپيلن جو 23 سالن کانپوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ لنواري شريف درگاهه ۾ 39 سال اڳ ٿيل رتوڇاڻ بابت اپيلن جو 23 سالن کانپوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جسٽس عمر سيال دير سان انصاف فراهم ڪرڻ تي معذرت به ڪئي

39 سال اڳ لنواري شريف درگاهه ۾ تڪرار تان 7 ڄڻا قتل ۽ 3 زخمي ٿي پيا هئا، عدالت 23 سالن کانپوءِ واقعي جي الزام هيٺ آيل 15 جوابدارن جون اپليون منظور ڪيون

سنڌ هاءِ ڪورٽ سمورن جوابدارن کي ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ڪيس ۾ مجموعي طور32 جوابدار نامز هئا

ڪيس ۾ نامزد 11 جوابدار عدالتي ڪارروائي دوران لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 2 جوابدارن جيل ۾ دم ڏنو

جسٽس عمر سيال ڪيس مان آجو ٿيندڙن کي مخاطب ٿي چيو ته دير سان انصاف ڪرڻ تي اسان معذرت خواهه آهيون، هي سسٽم ئي اهڙو آهي، هن ۾ نه توهان جو ڏوهه آهي نه توهان جي وڪيلن جو، دشمنين کي هتي ئي ختم ڪيو ۽ پنهنجن ايندڙ نسلن ۾ اهو زهر نه پکيڙيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔