وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن جي مدد بابت ٺاهيل ريئل ٽائيم ڊيش بورڊ جو افتتاح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن جي مدد بابت ٺاهيل ريئل ٽائيم ڊيش بورڊ جو افتتاح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ۾ افتتاحي تقريب دوران وزيراعظم ڊيش بورڊ جي ڪارڪردگي تي بي اطميناني ظاهر ڪندي چيو ته اهو ڊيش بورڊ ٻوڏ متاثر ۽ منهنجي گهرجن تي پورو نٿو لهي

ڊيش بورڊ جا انگ اکر ريئل ٽائيم اپڊيٽيڊ نه آهن، ڊيش بورڊ جي ورڪنگ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، رليون ۽ ٻارن جي غذا ڪٿي ورهائي پئي وڃي

اُن جا تفصيل ڪٿي آهن؟ جنهن معيار جو ڊيش بورڊ هجڻ گهرجي ها، اُهو ناهي، وزيراعظم جي اعتراض تي وفاقي وزير احسن اقبال وضاحتون ڏيندو رهيو

وفاقي وزير امين الحق وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته اڄ ڊيش بورڊ جو افتتاح ڪريو، اُن کي وڌيڪ اپڊيٽ ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔