ڪراچي: تيسر ٽائون ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي، 2 دھشتگرد مارجي ويا

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي تيسر ٽائون ۾  سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي گڏيل  ڪارروائي، فائرنگ  جي ڏي وٺ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 دهشتگرد مارجي ويا

 مقابلي دوران سي ٽي ڊي جا 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا، سي ٽي ڊي  عملدارن جو چوڻ آهي  ته دهشتگردن جي موجودگي تي ڪارروائي ڪئي وئي

 مقابلي واري وقت گهر ۾ هڪ عورت ۽ ٻار به موجود هئا، دهشتگردن جا لاش ۽ زخمي اهلڪار اسپتال منتقل ڪيا ويا

ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي تھ ناردرن باءِ پاس وٽ مقابلي ۾ مارجي ويل دھشتگرد ڪوئيٽا ڌماڪي جا ماسٽر مائينڊ آھن، ذريعن موجب پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل خطرناڪ دھشتگرد ھئا ۽ 2021 ۾ ڪوئيٽا ۾ ھوٽل ۾ ٿيل ڌماڪي جا ماسٽر مائينڊ ھئا

جڏھن تھ ڪراچي ۾ فائرنگ  2 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آھن، هڪ زخمي  ٿي پيو، بلاول چورنگي وٽ فائر برگيڊ جي آفيس ۾ هيٿاربندن جي فائرنگ ۾ عامر ۽ محبوب مارجي ويا

مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون

ٻئي پاسي ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ گهر ۾ گيس ليڪيج سبب باهه لڳي وئي، 5 گهر ڀاتي سڙي زخمي ٿي پيا آھن

باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا ٽن ٻارڙين سميت 5 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا

زخمين ۾ ظفر الله، سندس زال اجيوه ۽ 3 ڌيئرون رابعه، رفيعه ۽ وجيها شامل آهن، سمورن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔