مني لانڊرنگ ڪيس: وزيراعظم لاھور جي عدالت ۾ پيش، حاضري بعد واپس وڃڻ جي اجازت

لاھور: وزيراعظم شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهورجي عدالت ۾ پيش ٿيو ، عدالت حاضري لڳائڻ کانپوءِ وزيراعظم کي واپس وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي

وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ ھو تھ پارٽي سربراهه رياست بچائڻ لاءِ اهم ذميواري ڏني، ڏکين حالتن ۾ پارٽي سربراهه رياست کي بچائڻ لاءِاهم ذميواري ڏني

مون مٿان مني لانڊرنگ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، نواز شريف، مريم نواز ۽ مون سوڌو پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس ٺاھيا ويا

وزيراعظم جو چوڻ ھو تھ ڪوڙن ڪيسن مان آھستي آھستي آجا ٿي رھيا آھيون، عوام جي خدمت جاري رھندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔