سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٻوڏ متاثرن جا مظاھرا، ڌرڻا

ڪراچي :سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٻوڏ متاثرن پاران واھر نه ٿيڻ خلاف مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا پيا وڃن، گاڏين جون قطارون لڳي ويون آھن

دادو ۾ ٻوڏ متاثرن پاران ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو، ٽرانسپورٽرن سان منهن ماري ٿي، دادو ۾ ٻوڏ متاثرن جو ٽينٽ، راشن نه  ملڻ ۽ ڪيمپ مان بي دخل ڪرڻ  خلاف ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو

ڌرڻي دوران ٽرانسپورٽرن ۽  ٻوڏ متاثرن ۾ منهن ماري ٿي، متاثرن پاران اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا ويا، متاثرن جو چوڻ ھو تھ  اسڪول ۾ قائم ڪيمپ مان  بيدخل ڪرڻ سبب 4 ڏينهن کان ٻچن  سميت روڊن تي ويٺل آهيون

متاثرن موجب کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل  آهيون، ٽينٽ ۽ راشن نٿا ڏيو ته گرفتار ڪري جيل موڪليو

ڪڪڙ ۾ ٻوڏ متاثرن پاران واهر نه ڪرڻ تي ڊي سي دادو خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

ڌرڻي سبب ٻنهي طرفان کان  گاڏين جون قطارون لڳي ويون،  مسافرن ۽ مظاهرين ۾ منهن ماري ٿي،

ٻوڏ سبب مهيني کان بک ۽ بيمارين  جي ور چڙهيل آهن، انتظاميه هن وقت  تائين ڪا سار ناهي لڌي

ٻئي پاسي ايف پي بچاءَ بند تي ويٺل ٻوڏ متاثر پيرسن گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو،  ايف پي بچاءَ بند تي کليل  آسمان هيٺ ويٺل ٻوڏ متا پيرسن گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو

ڳوٺ دوست علي چانڊيو واسي رمضان چانڊيو گيسٽرو وگهي دم ڏئي ڇڏيو

بند تي ويٺل ٻوڏ متاثر کاڌ  خوراڪ ۽ صحت جي سهولتن کان  محروم، نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔